شهدادپور سمس اسپتال جي ڪانٽريڪٽ ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

news

شهدادپور: سومر 07 آڪٽوبر 2019ع، شهدادپور سمس اسپتال جي ڪانٽريڪٽ ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ سمس اسپتال جي سمورن شعبن جو بائيڪاٽ ڪري ڪم ڇڏ هڙتال ڪري اسپتال جي مک گيٽ آڏو ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

مظاهرين ڊاڪٽر شهزاد يوسفاڻي.شاهد محمد. رمضان ڇٽو.  ۽ ٻين چيو ته 7 سالن کان اسان ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪري رهيا آهيون. پر اسان جو نه سروس بڪ. نه ٽريزري ۾ آء ڊي.سميت اسان جا جائز مطالبا منظور نه پيا ڪيا وڃن. ۽ اسان کي چڪر پيا ڪٽرايا وڃن.

اسان سان وعده ڪري انهن تي عمل نه پيو ڪيو وڃي. هنن چيو ته اسان جا مطالبا منظور نه ٿيا ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪنداسين.

هوڏانهن اسپتال جي ملازمن جي هڙتال سبب مريضن کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو.