وزيراعظم عمران خان چين جو ٻن ڏينهن وارو دورو مڪمل ڪري ملڪ واپس پهچي ويو

news

اسلام آباد: (خميس 10 آڪٽوبر 2019ع) وزيراعظم عمران خان چين جو ٻن ڏينهن وارو دورو مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ملڪ واپس پهچي ويو آهي.

وزيراعظم عمران خان 2 ڏينهن جو چين جو سرڪاري دورو مڪمل ڪرڻ کان پوءِ خاص جهاز جي ذريعي بيجنگ کان اسلام آباد پهتو.

وزيراعظم سان گڏ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، خسرو بختيار، عبدالرزاق دائود ملڪ واپس پهتا جڏهن ته پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، چيئرمين بي او آءِ زبير گيلاني به ان سان گڏ هئا.