گهوٽڪي ۾ ستين ڪلاس جو شاگرد ٻن ڏينهن کان پراسرار نموني گم، وارث پريشان

news

گهوٽڪي: آچر 13 آڪٽوبر 2019ع،  گهوٽڪي ۾ ستين ڪلاس جو شاگرد گذريل ٻن ڏينهن کان پراسرار نموني گم پريشان حال وارثن پوليس کي اطلاع ڪندي چيو ته نينگر اسڪول وڃڻ لاء گهران نڪتو پر واپس ناهي پهتو مدد ڪئي وڃي.

  گهوٽڪي ويجھو ڳوٺ سونهارو ڪولاچي جو رهواسي 15 سالن جو ستين ڪلاس جو شاگرد زاهد علي پٽ رفيق علي گڏاڻي گذريل ڏينهن کان پنهنجي گهر کان اسڪول ويندي رستي مان گم ٿي ويو آهي اهڙو اطلاع اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيو ويو آهي.

  ان حوالي سان گم ٿيل نينگر جي والد  دانهيو آهي ته نينگر زاهد علي گذريل ڏينهن اسڪول ويندي رستي ۾ گم ٿي ويو آهي جنهن جي مختلف علائقن ۾ ڳولا ڪئي وئي آهي پر ڪٿي به ڏس پتو ناهي پيو.

هن گهوٽڪي پوليس کان گم ٿيل نينگر جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي آهي.