ڪرپشن ختم ٿي وڃي ته ملڪ پاڻ ترقي جي راهن تي هلڻ لڳندو: وينا ملڪ

news

لاهور: (سومر 14 آڪٽوبر 2019ع) اداڪاره وينا ملڪ چيو آهي ته جيڪڏهن ملڪ مان ڪرپشن جو خاتمو ٿي وڃي ته ملڪ پنهنجو پاڻ ترقي جي راهن تي هلڻ شروع ٿي ويندو.

رپورٽ موجب هڪ انٽرويو ۾ وينا ملڪ چيو آهي ته هن ملڪ کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسان جي وڏن تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ اڄ اهي لکين قربانيون پنهنجو حق گهري رهيون آهن.

هن وڌيڪ چيو ته هي حق اسان ان صورت ۾ ادا ڪري سگهون ٿا جڏهن اسان سڀني کي ملي ذاتي مفادن کان هٽي صرف قومي مفاد جي لاءِ ڪم ڪريون.

وينا چيو ته منهنجي ويجهو هر انسان ئي خوبصورت هوندو آهي پر صلاحيتن جي حوالي سان هر ڪنهن جو پنهنجو الڳ طريقو آهي.