والاريل ڪشمير مان فاروق عبدالله جي ڀيڻ ۽ نياڻي سوڌو ڪيتريون ئي عورتون گرفتار

news

سرينگر:(اڱارو15 آڪٽوبر 2019ع) ڀارت  ۽ ڪشمير جي خاص حيثيت جي خاتمي خلاف احتجاج ڪندڙ ڪشمير جي اڳوڻي وڏي وزير فاروق عبدالله جي ڀيڻ ۽ نياڻي سوڌو ڪيترين ئي عورتن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

والاريل ڪشمير ۾ جنگي جنون ۾ مبتلا مودي سرڪار جي حڪم تي قابض ڀارتي فوج احتجاج ڪندڙ ڪشميري مائرن ۽ ڀينرن کي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ کنڀي پوليس موبائل ۾ وجهي ٿاڻي کڻي ويا. مودي سرڪار طرفان آرٽيڪل 370 جي خاتمي سان ڪشميرين جي حقن تي ڌاڙي جي ناپاڪ قدمن خلاف اڳوڻي وڏي وزير فاروق عبدالله جي ڀيڻ ثريا ۽ نياڻي صفيا جي اڳواڻي ۾ ڪيترين ئي عورتن سري نگر ۾ پابندين باوجود احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهرو ڪندڙ عورتن جي ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌل هيون ۽ هٿن ۾ پلي ڪارڊ هئا جنهن ۾ ڀارت مخالف نعرا لکيل هئا.

قابض ۽ جابر ڀارتي فوج هٿين خالي عورتن کان ڊڄي وئي ۽  مظاهرو ڪندڙ عورتن کي ڊيڄارڻ لاءِ ڏنڊا وسايا ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ ڪئي. ظالم ڀارتي فوجي اهلڪارن فاروق عبدالله جي ڀيڻ ثريا، نياڻي صفيه ۽ والاريل ڪشمير جي هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس جي زال حوا بشير کي ڪيترين ئي عورتن سوڌو گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

واضح رهي ته والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪري حريت پسند ۽ سياسي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته پوري وادي کي قيد خاني ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. سمورن جبر ۽  پابندين جي باوجود بهادر ڪشميري پنهنجي حقن جي لاءِ روڊن تي نڪري آيا آهن ۽ احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيا آهن.