ترڪي جو شام ۾ ڪرد مليشيا جي خلاف اپريشن جاري: ٻه سئو کان وڌيڪ خاندان لڏ پلاڻ ڪري عراق پهچي ويا

news

دمشق: (اربع 16 آڪٽوبر 2019ع) ترڪي پاران شام جي علائقي ۾ ڪرد مليشيا جي خلاف آپريشن جاري آهي. متاثر علائقن مان سويلين آبادي واپس وڃي رهي آهي.

200 کان وڌيڪ خاندان لڏ پلاڻ ڪري عراق پهچي ويا. عراق جي ڪردش علائقي ڊوميز ۾ متاثر خاندان مهاجر ڪيمپن ۾ پناهه ورتي آهي. جڏهن ته ترڪ حمايت يافته شامي باغين شهر تل ابياد ۾ ماڻهن ۾ کائڻ پيئڻ جون شيون ورهايون ويون.

ماڻهن جو وڏو انگ کاڌو وٺڻ جي لاءِ قطارن ۾ بيهي رهيو. گڏيل قومن موجب جنگ سبب هڪ لک سٺ هزار ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن. جنهن جي فوري امداد جي ضرورت آهي.

جڏهن ته مقامي انتظاميه  جو چوڻ آهي ته هينئر تائين 2 لک ستر هزار ماڻهو پنهنجو گهر ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. بي گهر ٿيندڙ ماڻهن ۾ 70 هزار ٻار به شامل آهن.