حڪومت جي يو آءِ(ف) جي ذيلي تنظيم کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو

news

اسلام آباد: (ڇنڇر 19 آڪٽوبر 2019ع) حڪومت جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي ذيلي تنظيم کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ذريعن موجب گهرو وزارت جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي ذيلي تنظيم انصارالاسلام کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي لاءِ سمري قانون واري وزارت ۽ اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي.

سمري ۾ چيو ويو آهي ته جي يو آءِ(ف) جي ذيلي تنظيم ڏنڊا بردار آهي ۽ قانون ان جي اجازت نٿو ڏئي. قانون واري وزارت ڏانهن موڪليل سمري ۾ چيو ويو آهي ته قانون ۾ ڪنهن به قسم جي هٿياربند مليشيا جي اجازت ناهي.   ذريعن ٻڌايو آهي ته جي يو آءِ ۾ شامل تنظيم پارٽي منشور جي شق نمبر 26 جي تحت اليڪشن ڪميشن ۾ به رجسٽرڊ آهي.

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ جي يو آءِ(ف) جي باوردي محافظ دستي جي هڪ وڊيو وائرل ٿي هئي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته مولانا فضل الرحمان محافظ دستن کان سلامي وٺي رهيو آهي.

ڪي پي ڪي حڪومت وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ جي يو آءِ(ف) جي محافظ دستي جي خلاف ڪارروائي جو به اعلان به ڪيو هو.