بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي سيڪيورٽي وفد جي قذافي اسٽيڊيم لاهور آمد

news

لاهور: سريلنڪا کانپوءِ بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستان جي دوري جون تياريون به جاري آهن. بنگلاديش جي سيڪيورٽي وفد قذافي اسٽيڊيم لاهور جو دورو ڪيو.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي ڊائريڪٽر ذاڪر خان جو چوڻ اهي ته مهمان وفد واپس وڃي پنهنجي بورڊ کي رپورٽ ڏيندو، جنهن کانپوءِ ٽيم ايندي.

شيڊول موجب بنگلاديس جي وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي آمد کان پهرين چار رڪني سيڪيورٽي وفد قذافي اسٽيڊيم انتظامن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ پهتو ته مهمانن کي حفاظتي قدمن جي باري ۾ بريف ڪيو ويو.

بنگلاديش جي سيڪيورٽي وفد سيف سٽي اٿارٽي جو به دورو ڪيو، جتي انهن کي ڪئميرائن ذريعي نگراني جي نظام بابت آگاهه ڪيو ويو.

پي سي بي جي ڊائريڪٽر انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جو چوڻ آهي ته اها معمول جي ڪارروائي آهي.