مدئجي ويجهوڳوٺ ڇتومنگي ۾ گم ٿيل پيرسن ڳوٺاڻي کي قتل ڪري لاش گهر اندر پورڻ جو انڪشاف

news

مدئجي: آچر 20 آڪٽوبر 2019ع، مدئجي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڇتومنگي ۾ 20 سال اڳ 80 ورهين جو پيرسن جمشير ڏاهاڻي پراسرار نموني گم ٿي ويو هو جنهن جي گمشدگي بابت ان وقت سندن وارثن منگي برادري مٿان پيرسن کي گم ڪرڻ جوالزام لڳايو هو،

واقعي کي ويهه سال گذرڻ بعد اڄ ڏاهاڻِي برادري پنهنجي چڱي مڙس محمدامين ڏاهاڻي جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ ڇتو منگي پهچي نشاندهي واري گهر پهچي لاش ڪڍڻ لاءِ کوٽائي شروع ڪئي ته اطلاع تي ايس ايڇ او بهارالدين ڪيريو جي اڳواڻي ۾ پوليس اٽالا ڄاڻايل هنڌ پهچي کوٽائي وارو ڪم بند ڪرائي ڇڏيو،

ان سلسلي ۾ ڏاهاڻي برادري جي الهداد ڏاهاڻي چيوته ويهه سال اڳ منهنجو پيءُ جمشيرڏاهاڻي ڳوٺ ڇتومنگي مان پراسرار نموني گم ٿي ويو جنهن جي ڳولا بعد خبر پئي ته پيءُ کي منگي برادري جي ماڻهن قتل ڪيو آهي،پر ان وقت منگي برادري چيوته اسان ڪجهه ناهي ڪيو.

پيرسن بابت اسان کي ڄاڻ ناهي ڪڏهن به اسان مٿان ثابت ٿيو ته ڏنڊ ڏوهه ڀري ڏينداسين،هاڻ ڳولها بعد خبرپئي آهي ته منهنجي پيءُ کي منگي برادري قتل ڪري کيس گهر ۾ پوري ڇڏيو آهي، اهڙي نشاندهي بعد پنهنجي سردار کي ٻڌايو،جنهن منگي برادري جي معززن سان ڳالهائڻ بعد اڄ سردار محمدامين بليدي جي اڳواڻي ۾ڇتو منگي پهچي غلام حيدرمنگي جي گهر ۾ کوٽائي ڪري رهيا هئاسين ته پوليس پهچي کوٽائي جو ڪم بند ڪري ڇڏيو آهي،

هنن چيوته اسان جي پيءُ کي قتل ڪري لاش گهر اندر پوريو ويو هو،اهڙي واقعي جي جاچ ڪري پيءُ جي لاش ڪڍڻ لاءِ ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ملوث جوابدارن خلاف قانوني قدم کنيو وڃي،هوڏانهن ايس ايڇ او مدئجي بهارالدين ڪيريو صحافين سان ڳالهائيندي چيوته اطلاع تي ڳوٺ ڇتومنگي پهتاسين ته ڏاهاڻي برادري جا ماڻهو منگي برادري جي گهراندر کوٽائي ڪري رهيا هئا،جيڪو ڪم بند ڪرايو.

هن چيوته سموري مامري بابت ڪورٽ کي لکنداسين  وڌيڪ ڪورٽ جي حڪم بعد ڪارروائي ڪنداسين تيسيتائين اسان ڏاهاڻي برادري پاران نشاندهي واري هنڌ تي پوليس مقرر ڪري ڇڏي آهي.