جرمني جي سڀني کان وڏي مسجد کي بم سان اڏائڻ جي ڌمڪي

news

ڪولون: (ڇنڇر 02 نومبر 2019ع) جرمني جي سڀني کان وڏي ۽ مرڪزي مسجد کي بم ڌماڪي سان اڏائڻ جي ڌمڪي تي پوليس پاران فوري طور تي مسجد کي خالي ڪرائي سرچ آپريشن ڪيو ويو پر بم جي اطلاع ڪوڙي ثابت ٿي.

عالمي خبرون ڏيندڙ اداري جرمني جي شهر ڪولون ترڪ جرمن مسجد جي تنظيم ديتيب جي مرڪزي ۽ جامع مسجد ۾ ٽيليفون جي ذريعي بم جي موجودگي جي اطلاع ڏني وئي هئي جنهن تي پوليس مسجد کي خالي ڪرائي سرچ آپريشن ڪيو پر ڏيڍ ڪلاڪ جي تلاشي کان پوءِ مسجد کي ڪليئر قرار ڏنو ويو.

ڪولون جي سينٽرل مسجد جرمني ۾ مسلمانن جي سڀني کان وڏي عبادتگاهه آهي ۽ ان کي تازو ئي تعمير ڪيو ويو آهي جنهن جو افتتاح ترڪ صدر طيب اردوان پاران ڪيو ويو ۽ هتي نمازين جو انگ تمام گهڻو هوندو آهي. جڏهن ته مسجد سان ملندڙ علائقن ۾ ماڻهن جي اچ وڃ جاري آهي.

واضح رهي ته ان کان اڳ جولاءِ جي آخر ۾ به ان مسجد کي اي ميل جي ذريعي ڌمڪي ڏني وئي هئي. حڪومت طرفان ان اي ميل جي جاچ به ڪئي وئي هئي پر ان جو ڪوبه نتيجو سامهون ناهي آيو.