ايران عالمي جوهري معاهدي جي اهم شق تان هٿ کڻي ويو

news

تهران: (اڱارو 05 نومبر 2019ع) ايران عالمي جوهري معاهدي جي هڪ ٻئي شق تان هٿ کڻندي سينٽري فيوجز مشينن ۾ يورينيم گيس ڀرڻ جو عمل شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ايران عالمي جوهري معاهدي جي هڪ ٻئي شق تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان شق کان جدا ٿيڻ کان پوءِايران پنهنجي 100 کان وڌيڪ سينٽري فيوجز مشينن ۾ يورينيم گيس ڀرڻ جو عمل شروع ڪندو.

هن اهم پر تڪراري اڳڀرائي جو اعلان ايران جي صدر حسن روحاني سرڪاري ٽيليويزن تي ڪندي چيو ته ايران هميشه عالمي معاهدن جي پاسداري ڪئي آهي پر آمريڪا عالمي جوهري معاهدي تان بناجواز عليحدگي اختيار ڪندي اقتصادي پابنديون لاڳون ڪيون آهن ۽ حالتن کي اهڙي موڙ تي کڻي آيو آهي جتي ايران وٽ ان کان سواءِ ٻيو ڪوبه رستو ناهي.

ايراني صدر حسن روحاني چيو ته فوردو جي ايٽمي شين ۾ سينٽري فيوجز مشينن ۾ يورينيم گيس ڀرڻ جو عمل اربع کان شروع ڪيو ويندو ۽ ايران سان گڏ عالمي جوهري معاهدي کان هينئر تائين گڏ رهندڙ ملڪ جرمني، فرانس، برطانيه، چين ۽ روس ايران کي ان عمل کان روڪڻ ۾ ناڪام نظر آيا آهن.