ڀارتي شهر امرتسر ۾ وزيراعظم عمران خان جي تصويرن وارا بل بورڊز لڳي ويا

news

نئين دهلي: (اربع 06 نومبر 2019ع) ڀارتي رياست پنجاب جي شهر امرتسر ۾ وزيراعظم عمران خان جي تصويرن وارا بل بورڊز لڳايا ويا آهن ۽ بل بورڊز تي وزيراعظم سان گڏ ڀارتي سياستدان ۽ اڳوڻو ڪرڪيٽر نوجوت سنگهه سدهو جون تصويرون به لڳايون ويون آهن.

پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪرتارپور راهداري جي ڪوششن تي وزيراعظم عمران خان جي حق ۾ اهي بل بورڊز سک اڳواڻ هرپال سنگهه طرفان لڳايا ويا آهن جنهن ۾ لکيل آهي ته عمران خان ۽ نوجوت سنگهه سدهو ڪرتارپور ڪوريڊور جا اصل هيرو آهن.

واضح رهي ته 9  نومبر تي پاڪستان طرفان ڪرتارپور ۾ دنيا جي سڀني کان وڏي گوردوار جي افتتاحي تقريب رکي وئي آهي جنهن ۾ شرڪت جي لاءِ سرحد پار کان نوجوت سنگهه سدهو سميت اهم اڳواڻن کي به دعوت ڏني وئي آهي.