فيصل آباد ۾ ٽڪ ٽاڪ وڊيو ٺاهڻ تي تحريڪ انصاف جي ڪارڪن خلاف ڪيس داخل

news

فيصل آباد: (خميس 07 نومبر 2019ع) ڪمشنر محمود جاويد ڀٽي جي وڊيو ٽڪ ٽاڪ تي وائرل ڪرڻ سبب پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) جي ڪارڪن جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. 

ذريعن موجب جوابدار اشرف عرف لکي ڪموڪا جي خلاف ڪيس وفاقي جاچ ايجنسي(ايف آءِ اي) جي  اسسٽنٽ ڪمشنر جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو آهي.

ايف آءِ آر جي متن موجب جوابدار اشرف عرف لکي ڪموڪا بنا اجازت ڪمشنر جي وڊيو ٺاهي ۽ بيڪ گرائونڊ ۾ ميوزڪ لڳائي ان کي ٽڪ ٽاڪ تي وائرل ڪيو. ايف آءِ آر ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته وڊيو سبب ڪمشنر جي ذات ۽ آفيس جي مذاق ٿي آهي.

ياد رهي ته ٽڪ ٽاڪ ايپليڪيشن اڄڪلهه نوجوانن ۾ تمام گهڻي مقبول آهي جيڪا مختلف وقتن تي طرح طرح جون وڊيو ٺاهڻ جي لاءِ هر حد کان گذرڻ کي اوليت ڏيندا آهن.

منفرد وڊيو ٺاهڻ جي شوق ۾ ڪيترائي نوجوان پنهنجي زندگي به وڃائي ويٺا آهن. اهڙي طرح جو هڪ ٻيو واقعو گذريل ڏينهن ڀارت ۾ پيش آيو جڏهن ٽڪ ٽاڪ وڊيو ٺاهڻ جي دوران نوجوان جي هٿان پسٽل هلي ويو  جنهن سبب گولي لڳڻ ڪري سندس دوست  مارجي ويو هو.