نوابشاهه ۾ آٽا چڪي ايسو سي ايشن ضلعي شهيد بينظير آباد پاران احتجاج

news

نوابشاهه: جمعو 8 نومبر 2019ع، آٽا چڪي ايسو سي ايشن ضلعي شهيد بينظير آباد پاران ڊپٽي ڪمشنر آفيس ٻاهران غلام مصطفيٰ جٽ، صغير احمد قريشي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي چيو ته ضلعي اندر 395 چڪيون آهن ۽ فوڊ ڊپارٽمينٽ نوابشاهه پاران اسان کي ايلوڪيشن ڏني وئي آهي ته مهيني ۾ اڍائي ٻوري ان وٺو ۽ اٽو ٺاهيو.

يعني روزاني جي حساب سان 9 ڪلو ڪڻڪ جو ان ملندو هنن چيو ته اسان چئون ٿا ته 9 ڪلو روزاني ۾ گذارو نه ٿيندو کليل مارڪيٽ ۾ 4 هزار 800 روپيا في ٻوري وڪرو ٿي رهي آهي ۽ هر هڪ فلور مل جو مهانا بل 2 لک روپيا اچي ٿو.

هنن مطالبو ڪيو ته نوابشاهه جي شهرين کي سستو صاف سٿرو اٽو ڏيڻ جي لاءِ روزاني هڪ فلور مل کي 10 ٻوريون يعني هڪ هزار ڪلو ڏنو وڃي ته جيئن عوام کي سستو ۽ گهڻي انداز ۾ اٽو ملي سگهي.