راڄوخاناڻي لڳ خوفناڪ حادثو، تازي ڄاول ٻارڙي ۽ ٽن عورتن سميت ڇهه ڄڻا فوت

news

راڄوخاناڻي ( رپورٽ: جنيد مير ) راڄوخاناڻي تلھار روڊ جي اوٻاھين اسٽاپ وٽ خوفناڪ حادثو ڪار ۾ سوار تازي ڄاول ٻارڙي , ٽن عورتن , ھڪ نينگري ۽ ھڪ مرد سميت 6ڄڻا فوت .

راڄوخاناڻي تلھار روڊ جي اوٻاھين اسٽاپ لڳ خوفناڪ حادثو پيش آيو آھي جنھن ۾ آلٽو ڪار نمبر اي . جي .ڪيو 347 اونھي کاھي ۾ ڪري پيئي آھي جنھن ۾ پاڻي به بيٺل ھو جنھن جي نتيجي ۾ ھڪ ئي خاندان جا تازي ڄاول ٻارڙي سميت ھڪ نينگري،ٽي عورتون ۽ ھڪ مرد 6 ڄڻا فوت ٿي ويا آھن.

فوتين ۾ ھڪ تازي ڄاول ٻارڙي , شھناز زال محمد يوسف , ميران زال محمد عرس  , مائزه ڌي محمد يوسف , رخسانه , ستار ولد محمد عرس شامل آھن.

جڏھن ته ڪار ۾ سوار ھڪ ڄڻو محمد يوسف ولد محمد ملوڪ چانڊيو جيڪو ڪار ھلائي رھيو ھو سخت زخمي ٿي پيو , ڪار ۾ فقط ھڪ ڄڻو بچي سگھيو جنھن تفصيل ٻڌائيندي چيو ته چنگچي رڪشا کي بڇائيندي ان سان ٽڪر ٿي وڃڻ ڪري ڪار کاھي ۾ ڪري پيئي ۽ واقعو پيش آيو آھي.

سمورا فوتي بدين جي چانڊيه نگر جي علائقي جا رھواسي ھئا جيڪي ڊگھڙي کان بدين وڃي رھيا ھئا .