سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ثقافتي رنگن ۾ رنگجي وئي، شاگردن جون جهمريون

news

ڄامشورو(رپورٽ: حيات ميراڻي) خميس 14 نومبر 2019ع، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ثقافتي ڏينهن وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو.

ان موقعي تي ثقافتي رواداري جا خوبصورت ۽ مثالي منظر نظر اچي رهيا هئا. سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن کي چئني صوبن جا ثقافتي لباس پاتل هئا ۽ هرطرف ثقافتي رنگن  جي بهار هئي. يونيورسٽي جا شاگرد سنڌي، اردو، بلوچي، پنجابي، پشتو ۽ سرائيڪي گيتن تي خوشي وچان جهمريون هڻي رهيا هئا.

سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت آرٽس فئڪلٽي بلڊنگ، آءِ بي اي، انگلش، ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن، بايو ڪيميسٽري سميت مختلف شعبن ۾ وڃي شاگردن جي ثقافتي خوشين ۾ شامل ٿيو ۽ سندن يڪجهتي، امن ۽ محبت واري جذبي کي ساراهيو.

ان موقعي تي هن شاگردن کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان قدرت جو عظيم تحفو آهي، جنهن جي خوبصورتي بي مثال آهي. اسان سڀ پاڪستاني قوم آهيون ۽ اسان کي پنهنجي ان سڃاڻپ تي فخر آهي. هن چيو ته باشعور قومون پنهنجا قومي ۽ ثقافتي ڏينهن وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائينديون آهن ۽ اڄ هتي به اهو ساڳيو ئي جوش ۽ جذبو نظر اچي رهيو آهي.

هن چيو ته پاڪستان مٺڙين ٻولين ۽ خوبصورت ثقافتن جو گلدستو آهي، سنڌ يونيورسٽي ثقافتي رواداري جو بهترين مثال آهي. وائيس چانسلر چيو ته اڄ مذهب، ذات ۽ ٻولي جي فرق کان هٽي ڪري يونيورسٽي جا شاگرد جنهن نظم و ضبط سان گڏجي ثقافتي ڏينهن ملهائي رهيا آهن، اها ڳالهه هن لاءِ تمام گهڻي خوشي ۽ فخر جو باعث آهي. وائيس چانسلر ان موقعي تي شاگردن کي پنهنجي پياري وطن پاڪستان سان پيار، ٻڌي، محنت، جدوجهد ۽ جاکوڙ جي نصيحت ڪندي چيو ته مستقبل هنن جو ئي آهي ۽ ملڪ جون واڳون کين ئي سنڀالڻيون آهن، ان ڪري کين نيڪ نيتي ، محنت ۽ خوداعتمادي  ذريعي پنهنجي منزل ماڻڻ گهرجي.

وائيس چانسلر ان موقعي تي انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن  ۾ ”آءِ بي اي امن ميلي“ جو پڻ افتتاح ڪيو ۽ اتي قائم سنڌي، بلوچي، پنجابي، پختون، ڪشميري، گلگت بلتستاني روايتي کاڌن جي اسٽالن، ڪتابن، هٿ جي هنرن ۽ دلچسپ راندين جي اسٽالن جو پڻ معائنو ڪيو ۽ شاگردن جي ڪوششن کي داد ڏنو ۽ آءِ بي اي جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار شاهه امن ميلي جي آرگنائيزر حنا عارف جلباڻي ۽ سندن ٽيم جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو ۽ چيو ته هن قسم جا پروگرام شاگردن ۾ اتساهه پيدا ڪن ٿا ۽ کين صلاحيتن جي اظهار جو موقعو پڻ ملي ٿو. امن ميلي ۾ 20 کان وڌيڪ اسٽالز قائم ڪيا ويا هئا.

ان موقعي تي وائيس چانسلر آءِ بي اي ۾ پاڪستان جو جهنڊو پڻ ڦڙڪايو. ثقافتي ڏينهن جي موقعي تي سنڌ حڪومت جي ٻيلي کاتي پاران سنڌ يونيورسٽي جي تعاون سان آرٽس فئڪلٽي بلڊنگ جي گرائونڊ ۾ ٻوٽا پوکڻ جي تقريب پڻ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ وائيس چانسلر ٻوٽو پوکيو.

ان موقعي تي  رجسٽرار ڊاڪٽر امير علي ابڙو، سوشل سائنسز فئڪلٽي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر زرين عباسي، بيورو آف اسٽيگس جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سميرا عمراڻي، ڊاڪٽر جبين ڀٽو، ڊاڪٽر راجا نياز ڀٽو ۽ ٻيا استاد پڻ وائيس چانسلر سان گڏ هئا.