اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف طبي معائني لاءِ لنڊن جي اسپتال پهچي ويو

news

لنڊن: اڳوڻو وزيراعظم ميان محمد نواز شريف پنهنجي ميڊيڪل چيڪ اپ جي لاءِ لنڊن جي مشهور گائز اينڊ ٿامسن اسپتال پهچي ويو آهي.

رپورٽ موجب اڳوڻي وزيراعظم جا پٽ حسن نواز، حسين نواز ۽ ذاتي معالج ڊاڪٽر عدنان به ان سان گڏ هئا. لنڊن جي گائز اينڊ ٿامسن اسپتال ۾ اڄ ان جي رت، گڙدن ۽ دل جي ٽيسٽ ورتا ويندا.

ڊاڪٽر عدنان موجب نواز شريف جي طبعيت پهرين کان ڪجهه بهتر آهي. رپورٽس اچڻ کانپوءِ ان جو فيصلو ڪيو ويندو ته ميان نواز شريف کي علاج جي لاءِ آمريڪا منتقل ڪيو وڃي يا نه.

شهباز شريف ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته قوم جي دعائن سان نواز شريف لنڊن پهتو آهي. حسين نواز چيو ته سياسي ڳالهه نه ڪندس، پهرين ترجيح نواز شريف جو علاج آهي، الله تعاليٰ هن کي صحت ڏئي.

گذريل رات اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف هيٿرو ايئرپورٽ کان سڌو ايون فيلڊ اپارٽمينٽ پهتو، جتي ڪارڪنن ان کي خوش آمد چيو، ايئرپورٽ تي به شريف فيملي ۽ ويجها دوست به موجود هئا.