جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ چيئرمين اوورسيز ڪوآپريٽو سوسائٽي اعجاز هارون گرفتار

news

اسلام آباد: جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ چيئرمين اوورسيز ڪوآپريٽو سوسائٽي اعجاز هارون کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

قومي احتساب بيورو (نيب) جي طرفان جاري بيان موجب جوابدار اعجاز هارون 12 جعلي پلاٽس جي اوٽ ۾ اومني گروپ جي لاءِ 14 ڪروڙ 40 لک رپين جي مني لانڊرنگ به ڪئي. اها رقم ٻن جعلي بئنڪ اڪائونٽس جي ذريعي ٻاهرين ملڪ منتقل ڪئي وئي.