ميرپورخاص ٽقافتي ڏهاڙي تي ثقافتي رنگن ۾ رڱجي ويو، سياسي سماجي تنظيمن ۽ شهرين جون ريليون

news

ميرپورخاص : آچر پهرين ڊسمبر 2019ع: ميرپورخاص ٽقافتي ڏهاڙي تي ثقافتي رنگن ۾ رڱجي ويو، سياسي سماجي تنظيمن ۽ شهرين جون ريليون،شاگردن پاران علامتي شادي ڪرائي وئي, مکيه تقريب ۾ سوين ماڻهن جي قومي گيتن تي جهمريون، ميرپورخاص ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمن طرفان الڳ الڳ ريليون ڪڍيون ويون.

ان ڏس ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ (بشير) طرفان فقير يوسف مڱريو جي اڳواڻيءَ ۾ اسٽيشن چوڪ کان ريلي ڪڍي وئي، جيڪا ميرپورخاص پريس ڪلب پاران جوڙيل مکيه تقريب واري ڪيمپ تي پهتي. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ طرفان منظور ميمڻ، محمد خان مري، واجد لغاريءَ جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي،

پنهور برادريءَ طرفان رشيد احمد پنهور، ظفر پنهور، اويث پنهور، عامر پنهو ۽ عاشق پنهور جي اڳواڻيءَ ۾ الڳ الڳ ريليون ڪڍيون ويون.

سنڌڙيءَ مان ڪامريڊ محمد بخش شر ۽ ڪاٺڙيءَ مان محمد عمر جروار جي اڳواڻيءَ ۾ موٽر سائيڪلن تي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا پڻ ميرپورخاص پهتي. وساڻ هائوس کان شاهنواز عليم وساڻ، ذوالفقار وساڻ، وقار وساڻ جي اڳواڻيءَ ۾ ڪارن ۽ موٽر سائيڪلن جي ريلي ڪڍي وئي،

کاڻ شهر کان راجا ظهير خاصخيليءَ جي قيادت ۾ ريلي ڪڍي وئي، سامان مان علي نواز ڪالرو جي قيادت ۾ ريلي ميرپورخاص پهتي، پاڪستان خاصخيلي اتحاد طرفان وڏيرو ڪمال خاصخيلي ۽ علي نواز خاصخيلي طرفان ريلي ڪڍي وئي، ايس ٽي پي طرفان نور محمد مهر ۽ عبدالڪريم ڪيريو جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي،

آل پاڪستان لاشاري تنظيم طرفان سوڀو خان لاشاريءَ جي اڳواڻي ۾ فروٽ فارم کان ريلي ڪڍي وئي، سلطان آباد کان حاڪم ملاح، فريد خاصخيلي ۽ صادق لغاريءَ جي اڳواڻيءَ ۾ موٽر سائيڪلن جي ريلي ڪڍي وئي.جڏهن تي انهن موقعي تي شاگردن پاران عمير ڌونڪائي,منير راهمون,اسد علي چانڊيو جي اڳواڻي ۾ چاندني چوڪ تان ريلي ڪڍي مکيه ڪيمپ تي پهتي سموريون ريليون پريس ڪلب اڳيان جوڙيل مکيه ڪيمپ تي پهتيون،

جتي فنڪارا خوبشو لغاري، ريحانا تبسم قومي ۽ ثقافتي گيت ٻڌايا، جنهن تي نوجوان، ٻارڙا توڙي وڏا اجرڪون لهرائي جهومندا رهيا. مکيه تقريب تي انفرادي طور تي شهرين جو پڻ هڪ وڏو انگ پهتو، جڏهن ته ڪجهه نوجوان علامتي ڄڃ ڪڍي علامتي ڪنوار ۽ گهوٽ کي اسٽيج تي وٺي آيا. تقريب شروع ٿيڻ کان اڳ ئي ٻارڙن جو وڏو انگ ثقافتي ويس پهري پنهنجي والدين سان شريڪ ٿيو.

مکيه تقريب ۾ صوبائي وزير هريرام ڪشوري لال، نامياري قانوندان علي حسن چانڊيو، آبادگار اڳواڻ حاجي حسين بخش  لغاري، پ پ اڳواڻ اسحاق ناريجو، شاهنواز مغل پڻ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ڳالهائيندي هريرام ڪشوري لال چيو ته سنڌ هڪ آهي ۽ ان جي ثقافت هزارين سال پراڻي آهي. هن چيو ته ايڪتا يا ثقافت جي ڏينهن نه رڳو سنڌ پر پاڪستان جو نالو پڻ ملڪ ۾ روشن ڪيو آهي، جنهن سان دنيا ۾ اهو پيغام ويو آهي ته اسان انتهاپسند نه پر مذهبي رواداري ۾ يقين رکندڙ ماڻهو آهيون.

ثقافتي ڏهاڙي تي نوجوانن پاران پنهنجي موٽر سائيڪلن ۽ ڪارن کي اجرڪن ۽ ٽڪ وارين رلين سان سينگاريو ويو هو. مکيه تقريب ڀرسان گلستان بلديا ۾ نوجوانن جو هڪ وڏو انگ گڏ ٿيل هو، جيڪي هڪٻئي کي اجرڪن ۽ بوسڪي وارا پٽڪا ٻڌندا ۽ فوٽو ڪڍي سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندا رهيا.

  ايڪتا ڏهاڙي تي هن دفعي اردو، پنجابي ۽ پشتو ڳالهائيندڙ نوجوانن جو پڻ هڪ وڏو تعداد اجرڪون اوڍي توڙي پٽڪا پهري شريڪ ٿيو، جيڪي پڻ قومي گيتن تي جهومريون هڻندا رهيا.