ٽنڊو محمد خان ۾ لياقت يونيو ورسٽي جي وائيس چانسلر ليبارٽري جو افتتاح ڪيو

news

ٽنڊو محمد خان: سومر 02 ڊسمبر 2019ع: لياقت يونيو ورسٽي سائنس پاران ٽنڊو محمد خان  ظلعي جي عوام جي سھولت لاء جديد رت جي چڪاس جي  ليبارٽري جو افتتاح ٿي گذريو.

ان موقعي لياقت يونيوورسٽي آف ميڊيڪل جي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر بيکا رام ليبارٽري افتتاح ڪرڻ  جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي  چيو ت عوام جي خدمت لاء ھن رت جي چڪاس لاء  ليبارٽري جو قيام آندو ويو آھي ھن ظلعي سميت مختلف شھرن جي غريب ماڻھن کي سستي اگھ  تي مختلف بيمارين جون رت جون ٽيسٽون ڪيون وينديون.

اھا سھولت ھن ظلعي جي عوام لاء ٽنڊو محمد خان  شھر ۾ موجود آھي  ھن چيو ت  ھاڻ حيدرآباد ڪراچي  جي شھرن ڏانھن وڃڻ جي ضرورت ن آھي,  منھنجي ڪوشش آھي ته عوام کي رت جي  چڪاس  جون سھولتون مھيا ڪيون وڃن.

اسان ھن لييبارٽري  کي  ھتي کولڻ جو مقصد ھو  ته  ھن ظلعي ۾ عوام کي ٻين ليبارٽري جي  ڀيٽ ۾  مختلف بيمارين جي رت جي چڪاس  جا اگھ تمام گھٽ آھن ت جيئن ھتي جي ماڻھن کي  فائدو رسي  ان موقعي  انچارج ليباريٽري ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ ۽ ٻيا موجود ھئا.