ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان ڏوڪري ۾ ثقافت سنڌ والي بال ٽورنامينٽ ٿي گذري

news

ڏوڪري: اڱارو 03 ڊسمبر 2019ع: ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان ڏوڪري ۾ ثقافت سنڌ والي بال ٽورنامينٽ ٿي گذري  جنهن جو مهمان خاص آغا خان جلباڻي ۽ سينئر صحافي عبدالجبار ميمڻ هئا. جن کي جهولي لعل ٽيم جو فرمان علي عرف جمعو ساريو ۽ چيف آرگنائيز زوار ذين سوهو آيل مهمانن کي اجرڪ جا تحفا ڏنا ويا ۽ ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن سان تعارف ڪرايو.

هن ٽورنامينٽ ۾ ڪل  10ٽيمن حصو ورتو.جنهن بعد فائنل ۾ جهولي لعل ڏوڪري ۽ صدقه غازي عباس گوليمار وچم ٿي گذريو.

جنهن ۾ سخت مقابلي جهولي لعل والي بال ٽيم 12. پوائنٽ تي سنڌ ثقافت ٽورنامينٽ کٽي ورتي. جنهن بعد ۾ مهمان خاص آغا خان جلباڻي ۽ سينئر صحافي عبدالجبار ميمڻ ونر ٽيم جهولي لعل جي ڪئپٽن فرمان عرف جمعو ساريو کي انعام طور تي بوسڪي جي پڳ پارائي وئي.

جڏهن ته رنر ٽيم جي ڪپتان الطاف چانڊيو کي ٽوپي اجرڪ پارايون ويو. جنهن بعد والي بال ٽورنامينٽ ٽيم جي رانديگرن ۽ ٽورنامينٽ جي چيف آرگنائيزر ذين علي سوهو. فقير سالار سومرو. حبدار جوڻيجو جاويد ملاح ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌي ميڊيا پاران ثقافت جي ڏينهن جي اعلان کان پوءِ اسان ثقافت سن والي بال ٽورنامينٽ ڪرائي پنهجي ثقافت کي اجاگر ڪيو آهي.