جهڙي طرح علاج ڪرائڻ هر قيدي جو حق آهي اهڙي طرح ڏوهه جو حساب وٺڻ قانون جو حق آهي: فردوس عاشق

news

سيالڪوٽ: (آچر 08 ڊسمبر 2019ع)  وزيراعظم جي سُڌ سماءُ بابت خاص صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته  ڏک جهڙي ڳالهه اها آهي ته قانون سازي سميت ٻين معاملن تي مشورن لاءِ اهي ماڻهو شامل آهن جيڪي پاڪستان جي قانون کي گهربل آهن.

پنهنجي ٽوئٽ ۾ فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته ڏک جهڙي ڳالهه اها آهي ته قانون سازي ۽ ٻين مشورن  لاءِ اهي ماڻهو شامل ڪيا ويا آهن جيڪي پاڪستان جي قانون کي گهربل آهن.

پوري جي پوري(ن) ليگ  ڀاڄوڪڙن وٽ ڊيرو ڄمائي ويٺل آهي. هن چيو ته جهڙي طرح علاج ڪرائڻ هر قيدي جو حق آهي اهي طرح ڏوهه جو حساب وٺڻ قانون جو حق ۽ تقاضا آهي.