ڊينگي کان بچاءُ جي لاءِ سنگاپور جي ماڻهن جي مڇرن سان محبت

news

سنگاپور: (اڱارو 10 ڊسمبر 2019ع)  دنيا ۾ هڪ ملڪ اهڙو به آهي جتي مڇرن سان نفرت نه پر محبت ڪئي ويندي آهي ۽ اهو پاڪستان کان ڪجهه وڌيڪ پري به ناهي.

مڇرن سان محبت جو سبب اتي ڊينگي جهڙين موذي بيمارين جي وبا ڦهلجڻ آهي. ميڊيا رپورٽ موجب سنگاپور ۾ هلندڙ سال 14 هزار 685 ماڻهو ڊينگي جي موذي مرض جو شڪار ٿيا آهن.

شهرين کي ان وبا کان بچائڻ لاءِ سينگاپور جي حڪومت منفرد  حڪمت عملي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. سنگاپور ۾ اهڙا نر مڇر ليبارٽرين ۾ تيار ڪيا پيا وڃن جيڪي ڊينگي مڇر جي پيدائش واري شرح کي ٻُڙي تي کڻي ايندا.

اهڙا مڇر پيدا ڪري مختلف هنڌن تي ڇڏيا پيا وڃن ته جيئن هو مادي مڇرن کي بيضا ڏيڻ جي صلاحيت کان محروم ڪري سگهن.