ڄامشورو جي معذور نوجوان جون خبرون ميڊيا تي اچڻ بعد هيومن رائٽس اڳواڻ ايڊوڪيٽ عاصمه ابڙو پهچي وئي

news

ڄامشورو(رپورٽ: حيات ميراڻي) ڄامشورو غريب آباد جي نوجوان غربت سبب ٽنگ جي علاج کان ڪيترن سالن کان معذور بڻيل.

جڏهن ته معذور نوجوان جي غربت سبب علاج نه ٿيڻ جون خبرون ميڊيا تي اچڻ کانپوءِ هيومن رائٽس جسٽس اينڊ ڊيفنڊر آرگنائيزيشن چيئرمين ايڊوڪيٽ عبدالوهاب عباسي نوٽيس ورتو. جڏهن ته هيومن رائٽس اڳواڻ ايڊوڪيٽ عاصمه ابڙو نوجوان رجب علي بروهي جي گهر پهچي سندس عيادت  ڪئي  ۽ کانئس تفصيل ورتا ۽ ممڪن مالي مدد ڪرڻ بعد نوجوان کي مڪمل سهڪار ۽ علاج ڪرائڻ جي خاطري پڻ ڪرائي وئي.

ان موقعي تي هيومن رائٽس ورڪر عاصمه ابڙو صحافين کي ٻڌايو ته رجب بروهي کي علاج لاء حيدرآباد اسپتال نيو ويندو. سينيئر ڊاڪٽرن کان سندس چڪاس ڪرائي ويندي. جيڪڏھن هن جو علاج هتي موجود آھي ته ڪرايو ويندو نه ته ٻي صورت ۾ هن جو ڪراچي جي اسپتال مان علاج ڪرايو ويندو.