سيوهڻ لڳ افسوسناڪ حادثو، ٻن ڪارن ۽ گڏهه گاڏي ۾ ٽڪر، چار ڄڻا فوت، ڇهه زخمي

news

سيوهڻ: اربع 25 ڊسمبر 2019ع: سيوهڻ لڳ افسوسناڪ حادثو، ڀڳو ٽوڙھو وٽ ٻن ڪارن ۽ گڏھ گاڏي ۾ ٽڪر،چار ڄڻا فوت،6 زخمي. تفصيل موجب سيوهڻ ويجهو افسوسناڪ حادثو پيش آيو.

ڀڳو ٽوڙهو وٽ انڊس هائي وي روڊ تي گڏهه گاڏي ۽ ٻن ڪارن وچ ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ سيوهڻ واسي سيد امجد شاھ ۽ لاڙڪاڻي واسي امير شيخ،منظور شيخ ۽ انيلا شيخ طور ٿي آهي.

جڏهن ته زخمين ۾ سجاد شاھ ـ شبانا ـ اجمير شيخ ـ فتاح ھاليپوٽو ـ امير انصاري ـ ۽ لياقت ڏيٿو شامل آهن، فوتين ۽ زخمين کي سيوهڻ جي سيد عبدالله شاه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز منتقل ڪيو ويو.

جتي زخمين کي طبي سهولتون فراهم ڪيون ويون.پوليس موجب حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو.