ڀارت ۾ ٽريفڪ اهلڪارن جي جڳهه هاڻ بُت ڊيوٽي ڪرڻ لڳا

news

نئين دهلي: (خميس  02 جنوري 2020ع) ڀارتي رياست ڪرناٽڪا جي گادي واري شهر بينگلور ۾ اختيارين ٽريف جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي منهن ڏيڻ لاءِ غيرمعمولي طريقو اختيار ڪري ورتو آهي.

ان بُتن کي ٽريفڪ پوليس آفيسرن جون ورديون پارايون ويون آهن جنهن ۾  ٽوپي، اڇي شرٽ ۽ روشني ڏيندڙ پٽيون شامل آهن جنهن تي پوليس جو نشان بنيل آهي.

ان بُتن کي وڏن ڇوراهن تي ان اميد سان رکيو ويو آهي ته هي ڊرائيور کي قانون تي عمل ڪرائينديون ۽ ڪجهه بُتن کي اُس جا چشما ۽ چهري جا ماسڪ به پارايا ويا آهن.