مورو ۾ ميونسپل ڪاميٽي جي ملازم جو ڳچيءَ ۾ سڪل ماني بصر ۽ سائو گاهه ٻڌي احتجاج

news

مورو: جمعو 03 جنوري 2019ع: مورو ميونسپل ڪاميٽي جي ملازم چوڪيدار وقار حسن ميمڻ پاران ڇھن مھينن کان واڌو پگهار نه ملڻ خلاف مورو پريس ڪلب اڳيان ڳچيءَ ۾ سڪل ماني بصر ۽ سائو گاھ ڳچيء م ٻڌي ء کائيندي احتجاجي مظاھرو  ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي.

جتي هن چيو ته مان مسڪين پورهيت آهيان ۽ ميونسپل ڪاميٽي مورو ۾ چوڪيداري جي ڊيوٽي ڪندو آهيان سنڌ حڪومت پاران ميونسپل جي ملازمن لاءِ وڌايل 15 پرسنٽ پگهار گذريل ڇھن مھنن کان ھن وقت تائين نه ڏني وئي آهي.

جڏهن ته ٻين شهرن ۾ ميونسپل جي ملازمن کي واڌو پگهار ڏني پئي وڃي وڌايل پگهار نه ملڻ ڪري مان پورهيت سخت پريشان آهيان ڇاڪاڻ ته مهانگائي جي دور ۾ ملندڙ پگهار مان پورت نه ٿي ٿئي جنھن ڪري گاھ کائڻ تي مجبور آھيان.

ھن چيو تہ مورو ميونسپل ڪاميٽي م تقريبن ڇھ سئو ملازم آھيون جن کي ھن وقت تائين پگھار ناھي ملي سگھي، هن مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ حڪومت پاران وڌايل 15 پرسنٽ پگهار ڏئي فاڪاڪشيءَ جي زندگي گذارڻ کان بچايو وڃي.