ايران آمريڪا ڇڪتاڻ: عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ اضافو

news

لنڊن: (سومر 06 جنوري 2020ع) ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٿيندڙ ڇڪتاڻ سبب عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿي ويو آهي.

ذريعن موجب عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمت 70 ڊالر في بيرل کان مٿي ٿي وئي آهي جڏهن ته برينٽ تيل جي قيمت 2 ڊالر 4 سينٽس جي اضافي کان پوءِ قيمت 70 ڊالر 64 سينٽس في بيرل ٿي وئي آهي.

ان کان علاوه آمريڪي خام تيل جي قيمت 1 ڊالر 55 سينٽس جي اضافي کان پوءِ قيمت 64 ڊالر 62 سينٽس في بيرل ٿي وئي آهي.

ٻئي طرف ايشيائي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروباري هفتي جي شروعات  ٻاڙائي کان ٿي. جاپاني اسٽاڪ مارڪيٽ  ۾ 465 پوائنٽن جي مندي رڪارڊ ڪئي وئي.

ڪورين اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ به ٻاڙائي رڪارڊ ڪئي وئي. جڏهن ته چيني اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ تيزي جو رجحان ڏسڻ ۾ آيو.