مورو ۾ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽيءَ جي سڏ تي پيراميڊيڪل اسٽاف جي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

news

مورو: سومر 06 جنوري 2020ع: جوائنٽ ايڪشن ڪميٽيءَ جي سڏ تي پيراميڊيڪل اسٽاف جي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن 2076ضلع نوشھروفيروز پاران تعلقہ اسپتال مورو ۾ محمد شريف ڪوريجو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ٻن ڪلاڪن جي ٽوڪن ھڙتال ڪري احتجاجي مظاھرو ڪري علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي.

جنھن م ڊاڪٽر عبدالفتاح راڄپر، سيد اعظم علي شاھ، راضي خان عالماڻي، اختيار ڏھر، ھارون ڀٽو، ڀائي خان عمراڻي، عاشق ڀٽي ء ٻين شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو تہ حڪومت پيراميڊيڪل اسٽاف جي جائز مسئلن کي حل ڪرڻ کان لنوائي رھي آھي سڄي سنڌ ۾ ڇھن ڏينھن کان مسلسل احتجاج ٿي رھيا آھن پر اڃان تائين حڪمرانن جي ڪن تي جُونءَ بہ نہ ٿي چُري، ھنن چيو تہ اڄ سومر کان ٻن ڪلاڪن لاءِ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ۽ ٽوڪن ھڙتال ڪئي وئي آھي.

ھنن چيو تہ اسان ملازمن جو سرورس اسٽرڪچر بحال ڪيو وڃي، رھيل 30% ھيلٿ پروفيشنل الائونس ڏنو وڃي، رڪوري ليٽر واپس ورتو وڃي ء اسان جي جائز مطالبن کي جلد قبول ڪري حل ڪيو وڃي ء جيڪڏھن اسان جا مسئلا حل نہ ٿيا تہ 15 جنوري تي ڪراچي پريس ڪلب سامھون سڄي سنڌ سراپا احتجاج ھوندي. جڏھن تہ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي احتجاج ھڙتال سبب آيل مريض پريشاني کي منھن ڏيندا رھيا ء دوائون نہ ملڻ تي ھٿن م پرچيون کڻي احتجاجي مظاھرو ڪيو.

جنھن جي اڳواڻي مھجور غلام حيدر سولنگي، علي اڪبر، غلام رسول ء ٻيا ڪري رھيا ھئا جتي ھنن چيو تہ اسان اسپتال اچون ٿا تہ احتجاج لڳا پيا آھن ڪڏھن ڊاڪٽر ٿا احتجاج ڪن تہ ڪڏھن وري ھيٺيون اسٽاف احتجاج تي ويٺو آھي اھو ڪٿان جو انصاف آھي جو رڳو احتجاج ڪيا وڃن.

ھنن چيو تہ عوام جي خدمت لاءِ حڪومت ء ادارا ٺھندا آھن پر ھتي قانون ابتو ھلي رھيو آھي تہ عوام خوار ٿي رھي آھي، حڪومت ڪندڙ آرام م آھن تہ وري اسپتال جو عملو احتجاج تي آھي آخر عوام کي ڪھڙي سزا ڏني پئي وڃي.

ھنن مطالبو ڪيو تہ احتجاج ڪندڙن جا مسئلا حل ڪري عوام کي ريليف ڏنو وڃي ٻي صورت م عوام روڊن تي اچي ويندي.