پهرين زال پاران ٽئين شادي ڪرڻ تي هال اندر ئي مڙس کي سخت ڪُٽڪو

news

ڪراچي: (اڱارو11 فيبروري 2020ع) ڪراچي ۾ شهري کي ٽئين شادي ڳچي ۾ پئجي وئي. پهرين زال ۽ سندس وارثن پاران گهوٽ کي سخت ڪٽڪو، زخمي حالت ۾ تيموريه ٿاڻي منتقل. رپورٽ موجب ڪراچي جي نارٿ ناظم آباد بلاڪ ايل ۾ شادي هال ۾ آصف رفيق نالي شخص جي وليمي جي تقريب جاري هئي ته اوچتو ان جي پهرين زال مديحه ۽ سندس وارثن هال تي حملو ڪري ڏنو.

پهرين زال چيو ته آصف ۽ ان جي گهر وارن ڪوڙ ڳالهايو ته هو حيدرآباد وڃي رهيا آهن. پر هو هتي شادي ڪري رهيا آهن. آصف جون پهريان کان 2 شاديون ٿيل آهن جنهن کي ٻڌائڻ کان سواءِ هو ٽئين شادي ڪري رهيو هو. پهرين زال ۽ ان جي وارثن هال ۾ ئي مهمانن جي سامهون آصف کي سخت ڪٽڪو ڏنو ۽ سندس ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا. گهوٽ سخت ڪٽڪي کان پوءِ زخمي ٿي پيو ۽ سندس ڪپڙا ڦاٽي پيا جنهن کان پوءِ هن ٽيبل جي ڪور سان پنهنجي جسم کي ڍڪيو.

مديحه ٻڌايو ته آصف رفيق سان منهنجي 2014 ۾ شادي ٿي جنهن ۾ ان جو هڪ پٽ به آهي. هن مون سان ڪوڙ ڳالهايو ته جناح يونيورسٽي جي ملازم ڇوڪري سان ٻئي شادي ڪئي جڏهن مون کي ان شادي جي باري ۾ خبر پئي ته هن مون کان معافي گهري ۽ چيو ته مان توسان ئي گڏ رهندس جنهن تي مون کيس معاف ڪري ڇڏيو. پر هن وري مون سان ڪوڙ ڳالهائي ٽئين شادي ڪري ڇڏي آهي.

پوليس جهيڙي جي اطلاع ملڻ تي شادي هال پهتي جتي هن گهوٽ کي ساهورن جي تشدد کان بچايو ۽ ٿاڻي منتقل ڪيو. هوڏانهن اها خبر سامهون آئي آهي ته آصف رفيق سرڪاري يونيورسٽي جو ملازم آهي ۽ هن جو چوڻ هو ته مان ڪوبه غيرقانوني ڪم ناهيان ڪري رهيو ڇو ته پهرين زال مديحه کي مان طلاق ڏئي چڪو آهيان.