دنيا افغان مهاجرين جي مدد ڪندڙ پاڪستان سان تعاون جاري رکي: گڏيل قومون

news

نيويارڪ: گڏيل قومن عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته لکين افغان مهاجرين جي مدد ڪندڙ پاڪستان سان تعاون جاري رکي.

گڏيل قومن جي ترجمان اسٽيفن ڊوجيريڪ جي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان گذريل 40 سالن کان لکين افغان مهاجرين جي سار سنڀال جو ٻوجهه کڻي بيٺل آهي. اها رڳو پاڪستان جي ذميواري ناهي بلڪه عالمي برادري کي به ان جي مدد ڪرڻ جي ضرورت آهي.

اسٽيفن ڊوجيريڪ جو يو اين هيڊڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چوڻ هو ته سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي دوري جو مقصد به عالمي برادري جو ڌيان افغان مهاجرين جي حالت زار ڏانهن ڇڪائڻ آهي.

ترجمان جو چوڻ هو ته عالمي اداري جي سربراهه پاڪستاني حڪومت ۽ عوام جي افغان مهاجرين جي فراخدلي امداد ۽ تعاون کي ساراهيو، جن افغان مهاجرين جي پنهنجي ملڪ ۾ خيرمقدم ڪيو، حالانڪه اهي ان جي ذميواري نه هئي.

هن جو چوڻ هو ته سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاڪستان جي دوري دوران ٻه ڏينهن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي، جيڪا افغان مهاجرين جي پاڪستان ۾ قيام جي 40 سال پورا ٿيڻ تي پاڪستان ۾ منعقد ٿي هئي.