سون جي اگهه ۾ اڍائي هزار رپيا في تولو گهٽ

news

ڪراچي: سون جي قيمت ۾ هڪ ئي ڏينهن ۾ وڏي گهٽتائي ٿي وئي، اڍائي هزار رپين کان وڌيڪ گهٽتائي کانپوءِ في تولو سونو نوي هزار اٺ سئو رپين جو ٿي ويو.

اهڙي طرح ڏهه گرام سونو ٻه هزار ٽي سئو ستونجاهه رپيا گهٽ ٿي ستهتر هزار اٺ سئو نوي رپين جو ٿي ويو آهي.

سون جي قيمت ۾ لاهه چاڙهه جاري آهي، جڏهن ته هڪ ئي ڏينهن ۾ اڍائي هزار رپين کان وڌيڪ جي گهٽ وڌائي ٿيندي رهندي آهي.

گذريل هفتي جي آخري ڏينهن صرافا بازار ۾ سون جو في تولو قيمت 800 رپين جي اضافي کانپوءِ 90 هزار 300 رپيا ٿي ويو هو.