رورل هيلٿ سينٽر ٽنڊوڄام ۾ مستقل طور تي اسڪريننگ جو بندوبست ڪيو وڃي: ڊاڪٽر اسلم رستماڻي

news

ٽنڊوڄام: ٽنڊوڄام جي نالي واري ڊاڪٽر اسلم رستماڻي چيو آهي ته رورل هيلٿ سينٽر ٽنڊوڄام ۾ مستقل طور تي اسڪريننگ جو بندوبست ڪيو وڃي.

جنهن سان عوام جي مڪمل چڪاس ٿي سگهي. هن چيو ته هن وقت ٽنڊوڄام ۾ نزلي، زڪام ۾ اضافو اچي ويو آهي، ۽ انهي لاءِ سنڌ حڪومت رورل هيلٿ سينٽر ۾ اسڪريننگ جو عمل شروع ڪرڻ لاءِ قدم کڻي. هن چيو ته ٽنڊوڄام جي ڀرپاسي جي مختلف ڳوٺن جا سوين ماڻهو تازو ايران مان واپس آيا آهن.

پر انهن جي اسڪريننگ ناهي ٿي سگهي. جنهن لاءِ اسان حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته انهن ڳوٺن ۾ ٽيمون موڪلي هر ماڻهو جي اسڪريننگ ڪئي وڃي. ته جيئن ڪنهن کي به ڪا بيماري هجي ته ان جو بروقت علاج ٿي سگهي. هن چيو ته عوام کي گهرجي ته ماسڪ جو استعمال ڪن.

هڪ ٻئي سان ملاقات دوران فاصلو رکن ۽ هٿ نه ملائين. ۽ ڪوشش ڪئي وڃي ته بنا ڪنهن ڪم جي گهر کان ٻاهر نه نڪرن.