چوهڙجمالي ويجهو درگاھ شاھ يقيق اسٽاپ تي خوفناڪ باهه، مسافر خاني سميت ٽي دڪان سڙي رک

news

چوھڙجمالي:  چوهڙجمالي ويجهو درگاھ شاھ يقيق اسٽاپ تي خوفناڪ باھ مسافر خاني سميت 3 دڪان سڙي رک ٿي ويا،لکين رپين جو نقصان،

خبر موجب : چوهڙجمالي ڀرسان درگاھ شاھ يقيق جي مين اسٽينڊ وٽ حسن ماڇي جي مسافر خاني ۾ اچانڪ باھ لڳي ويئي جنهن سبب زمان ماڇي نور علي جتوئي جا دڪان پڻ باھ جي نظر ٿي ويا.

باھ لڳڻ ڪري مسا فرخاني توڙي دڪانن ۾ پيل هنڌ بسترا کٽون توڙي لکين رپين جو قيمتي سامان سڙي رک جو ڍير ٿي ويا.

اهڙي اطلاع باوجود فائر برگيڊ نه پهتي جنهن سبب مقامي رهواسين وڏي مڙسي ڪري ٽن ڪلاڪن بعد باھ  تي ضابطو آندو.