ڪورونا: سينيٽ چيئرمين پاران ٽن مهينن جي پگهار ايمرجنسي فنڊ ۾ ڏيڻ جو اعلان

news

اسلام آباد: سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ٽن مهينن جون پگهارون ايمرجنسي فنڊ ۾ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

سينيٽ ترجمان موجب سينيٽ چيئرمين جي هدايت تي سينيٽرز ۽ اسٽاف جون پگهارون ايمرجنسي فنڊ ۾ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ان کان علاوه گريڊ 20، 21 ۽ 22 جي آفيسرن جون پنج ڏينهن جون پگهارون، گريڊ 17 کان 19 جون ٽن ڏينهن جون پگهارون، جڏهن ته گريڊ 7 کان 16 جون هڪ ڏينهن جون پگهارون ايمرجنسي فنڊ ۾ وينديون.

سينيٽ چيئرمين جو چوڻ آهي ته ڏکيا فيصلا ڪنداسين ته ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪي سگهجي ٿو.

هن جو چوڻ هو ته عوام گهرن ۾ رهندي ته حڪومت کي مريضن جي سارسنڀال ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي.

هن چيو ته حڪومتي قدم واکاڻ جوڳا آهن، وسيلن کي ملي ڪري پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻي پوندي، باقي ٻيا ادارا به اڳيان اچن ۽ دل کولي عطيا ڏين.