ڪورونا وائرس ۾ مبتلا آمريڪي گلوڪار جوڊفي ايڪهٺ سالن جي عمر ۾ فوت

news

نيويارڪ: (اڱارو 31 مارچ 2020ع) ڪورونا وائرس ۾ مبتلا آمريڪي گلوڪار جوڊف ايڪهٺ سالن جي عمر ۾ فوت ٿي ويو آهي.

هي آمريڪا ۾ ڪورونا سبب شوبز جي پهرين وڏي فوتگي آهي. خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب نوي جي ڏهائي جي مشهور آمريڪي گلوڪار جمعي جي ڏينهن ڪورونا ۾ مبتلا ٿيڻ جو  ٻڌايو.

گلوڪار ميڊيا ٽيم کي ٻڌايو ته ڊفي رات دير سان وائرس سبب ٿيندڙ پيچيدگين سبب ٽينيسي جي شهر ۾ فوت ٿيو آهي. ڊفي جي موت تي ميوزيڪل انڊسٽري ۽ هالي ووڊ اسٽارن طرفان ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي.