عدنان منهنجي پيءُ کان صرف چار سال ننڍو آهي: حريم فاروق

news

ڪراچي: (خميس 02 اپريل 2020ع)  عدنان صديقي سان گڏ ڊرامي ۾ هيروئن جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪاره حريم فاروق چيو آهي ته عدنان صديقي منهنجي پيءُ کان صرف چار سال ننڍو آهي.

ڪورونا وائرس سبب جتي  سڄي دنيا ۾ ماڻهن پاڻ کي گهرن تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي اتي ئي پاڪستاني فنڪار به گهرن ۾ رهي سوشل ميڊيا جي ذريعي هن وبا کان بچاءُ جي تلقين ڪرڻ ۾ مصروف آهن. جتي عدنان صديقي ۽ همايون سعيد پنهنجي مداحن کي آگاهي ڏئي. رهيا آهن اتي ئي هو مختلف اداڪارن کان به وڊيو ڪال جي ذريعي ڳالهيون ڪندي نظر ايندا آهن.

جنهن جي وڊيو هو روز پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي به شيئر ڪندا آهن. هن ڀيري عدنان ۽ همايون سعيد پنهنجي وڊيو ڪال ۾  اداڪاره حريم فاروق سان ڳالهيون ڪيون جنهن جي وڊيو هنن سوشل ميڊيا تي به جاري ڪئي. وڊيو ۾ عدنان صديقي حريم فاروق  بابت ٻڌايو ته مان جڏهن به حريم  سان  ڳالهايان ٿو ته هو هميشه مون کان پڇندي آهي ته ڇا اوهان کي خبر آهي ته منهنجو پيءُ ڪيترن سالن جو آهي.؟

عدنان صديقي اهو به چيو ته منهنجي پڇڻ تي حريم فاروق اهو چوندي آهي ته منهنجو پيءُ اوهان کان صرف چار پنج سال وڏو آهي ۽ جڏهن مان ان جي پيءُ کي ڏٺو ته واقعي هو جوان شخص آهي. ان کان وڌيڪ منهنجا اڇا وار آهن. ان سان گڏ ئي عدنان صديقي کلندي حريم کي اهو به چيو ته شرم ڪريو، اوهان مون سان گڏ فلم ۾ هيروئن طور ڪم  ڪيو آهي.

واضح رهي ته 2014 ۾ شهزاد ڪشميري جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ ڊرامو(ميري همدم ميري دوست) ۾ عدنان صديقي ۽ حريم فاروق مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هو.