داد لغاري لڳ پورھيت جي گھر کي اوچتو باهه، الھ تلھ سڙي رک، متاثر کليل آسمان ھيٺ ويٺل، مدد جي اپيل

news

داد لغاري: (رپورٽ اياز احمد پتافي) داد لغاري ويجھو پورھيت جي گھر کي اوچتو باھ لڳي وئي، گھر جو الھ تلھ سڙي رک ٿي ويو، متاثر کليل آسمان ھيٺ ويٺل، ڊي سي گھوٽڪي ۽ وس وارن کان مدد جي اپيل.

رپورٽ موجب داد لغاري ويجھو ڳوٺ چوڌري ارشد جي رھواسي پورھيت راحب گرگيج جي گھر کي اوچتو باهه لڳي وئي، باهه لڳڻ سبب پورھيت جو ڪکائون اجھو سڙي خاڪ ٿي ويو.

جڏھن تہ گھر ۾ پيل گھر ۾ کٽون، پيتيون ۽ ٻيو سامان سڙي تباهه ٿي ويو، جنھن سبب پورھيت ڪٽنب سميت بي وس ٿي کليل آسمان ھيٺ ويٺل آهي.

پورھيت راحب گرگيج جو چوڻ هو ته صبح جي وقت اوچتو منھنجي گھر جي ڇپر کي باھ لڳي وئي جنھن سبب منھنجو اجھو جيڪو ڇپر ھيو اھو بہ سڙي خاڪ ٿي ويو ۽ ڇپر ۾ پيل سامان گھر جون پيتيون، کٽون ۽ کاڌي پيتي جو سامان بہ سڙي تباھ ٿي ويو.

جڏھن تہ گھر ۾ بيٺل جانورن کي بچائي ورتو، ھن چيو تہ مان مسڪين آھيان، پورھيو ڪري ٻچن جو گذر سفر ڪندو ھئس پر لاڪ ڊائون سبب بيروزگار ويٺل آھيان، جڏھن تہ اوچتو گھر کي باھ لڳي جيڪا منھنجو اجھو ئي ساڙي خاڪ ڪري وئي، ھاڻي مان پنھنجي ٻچن سوڌو کليل آسمان ھيٺ ويٺل آھيان.

هن ڊي سي گھوٽڪي ۽ ٻين انسانيت دوست سرندي وارن کي اپيل ڪندي چيو ته مون مسڪين جي مدد ڪئي وڃي.