ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿيل شهري جي خوشي وچان رقص واري وڊيو وائرل

news

پشاور: (ڇنڇر 25 اپريل 2020ع) ڏکڻ وزيرستان جي هڪ شهري ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿيڻ جي خوشي ۾ اهڙو زبردست ثقافتي رقص ڪيو جو سندس وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي.

رپورٽ موجب ڏکڻ وزيرستان ۾ هڪ شخص جي ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ هاڪاري اچڻ کان پوءِ ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال ۾ کيس قرنطينه ۾ رکيو ويو هو جنهن کان پوءِ هن سمورين احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ سان گڏوگڏ قرنطينه ۾ ڏينهن مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هن شخص جو ڪورونا وائرس جو ٽيسٽ نگيٽو اچي ويو.

ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿيڻ جي خوشي ۾ معصوم خان نالي شخص وزيرستان جو ثقافتي رقص ڪيو جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي.