افغانستان ۾ خوني ويڙهه، پندرنهن ويڙهاڪ ۽ پنج فوجي اهلڪار مارجي ويا

news

ڪابل: (ڇنڇر 02 مئي 2020ع) افغانستان جي صوبي بلخ ۾ طالبان ۽ فوج جي وچ ۾  ٿيندڙ خوني ويڙهه دوران 15 ويڙهاڪ ۽ 5 فوجي اهلڪار مارجي ويا آهن. جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.

افغان ميڊيا موجب صوبي بلخ جي فوجي چيڪ پوسٽ تي ٻه درجن کان وڌيڪ طالبان ويڙهاڪن حملو ڪري ڏنو. افغان فوج طرفان به سخت مزاحمت جو مظاهرو ڪيو ويو ۽ ٻنهي جي وچ ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين فائرنگ جي ڏي وٺ جاري رهي.

افغان فوج جي ترجمان محمد حنيف رضائي ٻنهي طرفن کان فائرنگ ۾ 15 طالبان ويڙهاڪن جي مارجي وڃڻ ۽ 10 کان وڌيڪ جي زخمي ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي آهي جڏهن ته 5 اهلڪار به مارجي ويا. ٻئي طرف طالبان پاران افغان فوج جي ترجمان جي بيان کي رد ڪندي چيو آهي  ته حملي ۾ 20 اهلڪار مارجي ويا ۽ 10 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن جڏهن ته طالبان کي گهٽ نقصان برداشت ڪرڻو پيو آهي.

هوڏانهن بلخ جي گورنر  جي ترجمان به حملي ۾ 15 کان وڌيڪ افغان اهلڪارن جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته طالبان پوئتي ٿي ويا آهن پر هاڻ هو ٻيهر واپس ايندا ان لاءِ صوبن ۾ وڌيڪ فوجي اهلڪار مقرر ڪيا وڃن.

هوڏانهن اهي به خبرون اچي رهيون آهن ته افغان صدر اشرف غني ۽ صدارت جي هڪ ٻئي دعويدار عبدالله عبدالله جي وچ ۾ عبوري معاهدو طئي ٿي ويو آهي جنهن کان پوءِ سياسي بحران جي خاتمي ۽ امن جي قيام جي اميد ڪري سگهجي ٿي.