والاريل ڪشمير: هٿياربندن جي حملي ۾ ڪرنل ۽ ميجر سميت پنج ڀارتي فوجي مارجي ويا

news

سرينگر: (آچر 03 مئي 2020ع) ضلعي ڪپواڙه ۾ هٿياربندن جي حملي جي نتيجي ۾ ڀارتي فوج جي ڪرنل ۽ ميجر سميت 5 اهلڪار مارجي ويا آهن.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب والاريل وادي جي ضلعي ڪپڙاوا ۾  حملي جي نتيجي ۾ ڀارتي فوج جي ڪرنل ۽ ميجر سميت 5 اهلڪار مارجي ويا آهن جن مان هڪ پوليس اهلڪار به شامل آهي.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب بنڊوارا ۾ ڀارتي فوج طرفان آپريشن جاري هو ته ان دوران نامعلوم ماڻهن فائرنگ ڪئي. جڏهن ته واقعي کان پوءِ ڀارتي فوج جي فائرنگ سبب 2 ڪشميري به شهيد ٿي ويا.

واقعي کان پوءِ علائقي ۾ ڀارتي فوج جي وڏي نفري طلب ڪئي وئي آهي ۽ علائقي جو گهيرو ڪري حملي آورن جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي.