نوابشاهه لڳ گلڻ واٽر اسٽاپ تي نوجوان گھريلو پريشانين کان تنگ اچي خودڪشي ڪري ڇڏي

news

نوابشاهه: گپچاڻي ٿاڻي جي حد گلڻ واٽر اسٽاپ تي نوجوان انور علي بروھي پٽ نيڪ محمد بروھي گھريلو پريشانين کان تنگ ٿي پاڻ مٿان دونالي بندوق جو فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي.

اطلاع تي گپچاڻي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش کي پي ايم يو اسپتال نوابشاهه ۾ آندو ويو، جتي ضروري ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.