جوهي لڳ ڳوٺ الهداد فقير ۾ نوجوان چينجاڻي مائينر ۾ ٻڏي فوت، امڙ هنجون هاريندي رهي

news

جوهي: ڳوٺ الهداد فقير ۾ نوجوان چينجاڻي مائينر ۾ ٻُڏي فوت، لاش تعلقه اسپتال جوهي آندو ويو، ڳوٺ الهداد فقير جو رهواسي نوجوان حميد ولد شهمير لغاري ڳوٺ ڀرسان چينجاڻي مائينر ۾ وهنجڻ دوران ٻُڏي فوت ٿي ويو آهي.

سندس لاش تعلقه اسپتال جوهي آندو ويو جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي.

تعلقه اسپتال ۾ سندس امڙ هنجون هاريندي ٻُڌايو ته پُٽ کي مرگهي جا دورا پوندا هئا وهنجڻ دوران دورو پوڻ سبب ٻُڏي فوت ٿيو آهي.