ڪڙيو گهنور لڳ موٽرسائيڪل ۽ سوزوڪي ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، ڇهه زخمي

news

ڪڙيو گھنور: ڪڙيوگهنور متارو ويندڙ مين روڊ لڳ الزوھيب شادي حال وٽ موٽرسائيڪل ۽ سوزوڪي ۾ ٽڪر، نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت، 6 ڄڻا زخمي.

رپورٽ موجب ڪڙيو گهنور کان متارو روڊ لڳ الزوهيب شادي هال وٽ سوزوڪي ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار شاھجهان پٽ علي محمد نظاماڻي سخت زخمي ٿي پيو، جيڪو اسپتال نيئندي فوت ٿي ويو، جنهن جو تعلق ڪڙيو گهنور شهر کان ٽي ڪلو ميٽر ويجهو ڳوٺ سهراب خان نظاماڻي سان هو.

جڏهن ته سوزوڪي سوار ڊرائيور عالم ولد بصر سميت مجاھد پٽ محمد علي خاصخيلي، مسمات عاصي زال محمد رمضان، مسمات سجنا زال اشرف خاصخيلي ۽ مسمات غلام فاطمه زال عالم خاصخيلي زخمي ٿي پيا آهن، جنهن جو تعلق سجاول ضلعي سان ٻڌايو پيو وڃي.

پوليس پاران زخمين کي ليٽر جاري ڪندي  گولاڙچي اسپتال روانو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته سوزوڪي پڪ اپ ۽ موٽرسائيڪل واقعي واري هنڌان کڻائي ٿاڻي تي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ورتا آهن.

واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل ناهي ٿيو، فوتي نوجوان شاهجهان جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، سندس گهر ۾ عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون آهن.