جهاز حادثو: فرانس مان جهاز تيار ڪندڙ ڪمپني ايئربس جي ٽيم اڄ ڪراچي پهچندي

news

ڪراچي: (سومر 25 مئي 2020ع) ڪراچي ۾ ٿيندڙ جهاز حادثي جي جاچ لاءِ ايئربس ڪمپني جي خاص ٽيم اڄ فرانس مان ڪراچي پهچندي.

سول ايوي ايشن جي اختيارين صحت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي خط لکي آگاهي ڏني آهي ته فرانس مان ايندڙ جاچ ٽيم کي پاڪستان ۾ ڪورونا جي حوالي سان قرنطينه  جي لازمي شرطن کان به ڇوٽ حاصل هوندي.

جهاز جي عملي کي ڪراچي ايئرپورٽ تي لهڻ جي اجازت نه هوندي. ايئربس ڪمپني جو وفد ٽيڪنيڪي مدد ڏيڻ کان پوءِ 26 مئي تي واپس فرانس روانو ٿي ويندو. ايئربس ٽيم حادثي جي جاچ ۾ ٽيڪنيڪي مدد ڏيندي.

ياد رهي ته 22 مئي تي پي آءِ اي جو مسافر جهاز ڪراچي ۾ لينڊنگ کان ڪجهه دير اڳ رهائشي علائقي ماڊل ڪالوني ۾ ڪري تباهه ٿي ويو هو جنهن ۾ 82 مسافر ۽ عملي جا ماڻهو سوار هئا  حادثي ۾ عملي سميت 97 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا.