بلوچستان ۾ پرڏيهي قوتن جي مداخلت خلاف آواز اٿارينداسين: اعجاز احمد شاهه

news

ننڪانه: گهرو وزارت جي وفاقي وزير اعجاز احمد شاهه چيو آهي ته بلوچستان ۾ پرڏيهي قوتن جي مداخلت خلاف آواز اٿارينداسين.

وفاقي گهرو وزير اعجاز احمد شاهه ننڪانه ۾ پنهنجي گهر نيوز ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته حڪومت پنج سالن جو پنهنجي آئيني مدو پورو ڪندي، پنجن سالن بعد حڪومت نه پر ان جو ڪم ڳالهائيندو، ڏکئي وقت ۾ سڀني کي قرباني ڏيڻي پوندي.

اعجاز احمد شاهه چيو آهي ته بلوچستان ۾ فوج جي جوانن تي حملا ڪيا ويا جنهن ۾ ٻاهريان هٿ ملوث ٿي سگهن ٿا، بلوچستان ۾ ٻاهرين مداخلت خلاف آواز بلند ڪنداسين.

گهرو کاتي جي وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ڪشميرين تي ظلم جا پهاڙ ڪيرايا پيا وڃن. حڪومت انهن مٿان ظلم تي ڀرپور آواز اٿاريو، افغان طالبان به ڀارت خلاف ڪاررواين جو اعلان ڪيو آهي.

اعجاز شاهه وڌيڪ چيو آهي ته ننڪانه صاحب بابا گرو نانڪ يونيورسٽي جي چار ديواري جو ڪم تقريبن مڪمل ٿي چڪو آهي، ٽن سالن ۾ مڪمل ڪئي ويندي، يونيورسٽي لاءِ ايندڙ سال هڪ ارب روپيا ملڻ جي اميد آهي.