ڪڙيوگهنور پوليس پاران منشيات خلاف ڪارروايون، وڏي مقدار ۾ شراب هٿ

news

ڪڙيو گهنور(رپورٽ:عرفان بخاري) ڪڙيوگهنور پوليس انچارج سب انسپيڪٽر اصغر علي سٺيو جي اڳواڻي ۾ ڪچي شراب جي بٺين خلاف ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون آهن.

 ان سلسلي ۾ خفيا اطلاعن تحت ڪڙيوگهنور لڳ ڳوٺ منگهو ڪولهي ۾ شراب جي بٺي تي ڇاپو هڻي سامجي ڪولهي، ڪرمشي ڪولهي ۽ ميهرو ڪولهي کي گرفتار ڪري سندن وٽان 460 ليٽر ديسي شراب هٿ ڪري بٺي جو سمورو سامان کڻي منشيات ايڪٽ تحت ڪيس درج ڪري ورتو.

ٻي ڳوٺ نانجي ڪولهي ۾ ساڳئي ڏينهن ڪاروائي ڪندي هيمون ڪولهي ۽ کيمچند سميت ويرسي ڪولهي کي موقعي تان گرفتار ڪري سندن وٽان 490 ليٽر ڪچو شراب هٿ ڪري ورتو.

 ڳوٺ گل ملاح ۾ ڪاروائي ڪندي شراب جي بٺي تان حاجي ملاح، ديدار ملاح ۽ گلزار ملاح کي گرفتار ڪري سندس کان 560 ليٽر شراب هٿ ڪيو ويو جڏهن ته بٺيون ڊاهي پٽ ڪيون ويون ۽ استعمال ۾ ايندڙ سامان ضبط ڪيو ويو آهي. ايس ايڇ او اصغر علي سٺيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڪاررواين جو سلسلو جاري آهي، علائقي کي منشيات کان پاڪ ڪرڻ جو عزم آهي، عوام پوليس سان رابطو رکي پوليس کي دوست سمجهي منشيات جو خاتمون ڪرڻ لاء پرعزم آهيون گرفتار ڪيل جوابدارن خلاف ڪيس درج ڪيا ويا آهن.